اشرف زمان پير چنڊامي

اشرف زمان پير چنڊامي

اشرف زمان پير چنڊامي

اشرف زمان پير چنڊامي: شاعر ۽ استاد اشرف زمان پير چنڊاميءَ جو اصل نالو زمان الله ولد عنايت الله ڪنڀرآهي. سندس جنم 15 جولاءِ 1962ع تي ڊکڻ شھر ڀرسان ڳوٺ پير چنڊام، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. ايم. اي، بي. ايڊ تائين تعليم حاصل ڪئي. 1980ع ڌاري تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. استاد جي حيثيت ۾ مختلف ھنڌن تي پنھنجا فرض انجام ڏيندي پھرين سپروائيزر ۽ پوءِ ڪجهه وقت لاءِ اي. ڊي.او پڻ ٿي رهيو. 1983ع ۾ شاعري وسيلي، ادبي دنيا ۾ پير پاتو. مشھور شاعر نثار بزمي شاعريءَ ۾ سندس استاد رھيو. هن 1986ع ۾ ’نثار بزمي ادبي سنگت‘ جو بنياد وڌو، جنھن جي پليٽ فارم تان ڪيترائي پروگرام پڻ ڪرايا. هيءُ ڪجهه وقت سنڌي ادبي سنگت سان پڻ وابسته رهيو. ڊکڻ شھر مان نڪرندڙ ادبي رسالي ’نئون چنڊ‘ جو چيف ايڊيٽر پڻ رهيو، جنھن جا ٽي چار پرچا شايع ٿيا. عوامي لهجي واري سندس شاعري عاشق نظاماڻي، اسلم تنيي ۽ سليم رضا سميت ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي. هي ڪجهه وقت لاءِ ادبي دنيا کان ڪناره ڪش ٿي رهيو. سندس شاعري مختلف ادبي رسالن: مھراڻ، نئين زندگي، پيغام، سنڌ، گل ڦل، گلڙا، عبرت مئگزين ۽ نئون چنڊ ۾ مسلسل شايع ٿيندي رهي. هن نثار بزمي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان، نامور شاعر گل حسن گوپانگ جو، مزاحيه شاعريءَ جو ڪتاب ڇپرايو. سندس ٻاراڻين ڪھاڻين جو هڪ مجموعو ’پکين جي دنيا ۾ انقلاب‘ (1996ع) ۽ ’نئون چنڊ (انٽر ويو 2001ع) ڇپيل آهن. 08 فيبروري 2022ع تي وفات ڪئي. سندس شخصيت ۽ ادبي خدمتن بابت ھڪ ڪتاب ’ھاءِ ڪيڏو پري ويو آھين‘ مشتاق بخاري ترتيب ڏئي ڇپايو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.06.15  عيسوي

اشرف زمان پير چنڊامي جو جنم 15 جون 1962ع تي ڊکڻ شهر ڀرسان ڳوٺ پير چنڊام، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو.


2022.02.08  عيسوي

اشرف زمان پير چنڊامي 08 فيبروري 2022ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثناءُ الله ثنا سرهندي
عبدالله خواب حيدرآبادي
ڀائي ڌرمداس
بدر شاهه
آسن واسواڻي مجبور
رضوي سيد علي مدد شاهه
ڀرڳڙي مشتاق
ٺاڪرداس ڀاونداس تولاڻي ٺاڪر
ڀوَپوُتي
شاهه قطب الدين محمد بن شاهه محمود بن شاهه طيب هروي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون